الطاف سمو

الطاف سمو

الطاف سمو

الطاف سمو: ناليوارو راڳي الطاف حسين ولد ارباب علي سمو پهرين جنوري 1971ع تي شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم پرائمري آهي. هن ڳائڻ جي شروعات 1985ع ۾ اسٽيج کان ڪئي. ڳائڻ ۾ سندس استاد نواب علي شيخ ۽ محمد بخش ماڇي آهن، پهرين ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس پروڊيوسر ۽ ناليواري شاعر مختيار ملڪ متعارف ڪرايو، سنڌ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي الطاف سمي جا 50 کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن. هن جو واسطو نهايت ئي غريب گهراڻي سان آهي. سندس لاڙڪاڻي شهر ۾ ميوزڪ اسٽوڊيو پڻ آهي. مختلف فنڪارن احمد مغل ۽ عاشق نظاماڻيءَ جون ڳايل ڪيتريون ئي ڌنون سندس ڪمپوز ڪيل آهن. هن وقت تائين سندس 15 آڊيو ۽ 2 وڊيو البم اچي چڪا آهن. سندس ڪيترا ڪلام ڪافي مشهور آهن. هن سنڌ جي نامور شاعرن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، سرڪش سنڌي، جواد جعفري ۽ ٻين کي خوب ڳاتو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.01.1971  عيسوي

ناليوارو راڳي الطاف حسين ولد ارباب علي سمو پهرين جنوري 1971ع تي شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام صادق علي (سياستدان )
انار ڪلي
للت دبي
دياگير سنت
صدام حسين
جمالي حاجي محمد بخش
جابر بن حيان
قاسم پٿر
شير موٽواڻي
تنوير انجم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون